ڊي ويليئرز جي پاڪستان وڃڻ سان وڌيڪ ڪرڪيٽر اتي کيڏڻ لاءِ تيار ٿيندا: سمٿ

news

دبئي: سومر 18 فيبروري 2019ع: ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان گريم سمٿ جو چوڻ آهي ته اي بي ڊويليئرز جي پي ايس ايل ۾ شموليت ۽ پاڪستان وڃڻ جي فيصلي کانپوءِ وڌيڪ ڪرڪيٽر پاڪستان وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا.

گريم سمٿ پي ايس ايل ۾ ڪمنٽري جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ٽيلينٽ ڏسي ڪافي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جيتري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٿيندي ان جي ٽيم جو معيار ايترو ئي بهتر ٿيندو.

اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته ورلڊ اليون ٽيم جو پاڪستان دورو ۽ پي ايس ايل جهڙا قدم پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ ڪافي اهم آهن.

گريم سمٿ بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جي تعريف ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريڪي دوري دوران پاڪستاني ٽيلينٽ مان تما مگهڻو متاثر ٿيس، ٻئي رانديگر ڪافي ٽيلينٽيڊ آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام سٺو آهي.