ٽنڊوڄام: سومر 18 فيبروري 2019ع:جماعت اسلامي جي صوبي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي لڳائي حڪمران پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، حج تي سهولت ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، سبسڊي حڪومت جو عوام تي احسان نه عوام جو حق آهي. هن اها ڳالهه ٽنڊوڄام ويجهو ڳوٺ بچل زنئور ۾ منعقد ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪئي.
هن چيو ته تبديلي جي نالي تي عوام سان جيڪو ڊرامو رچايو ويو، انهي جا اثر آهسته آهسته عوام سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته گيس ۽ بجلي جي قيمت ۾ اضافي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ته جيئن عوام کي وڌيڪ مهنگائي ۾ پيسيو وڃي.
هن چيو ته شوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابندي هڻڻ ۽ اخبارن جو رهتون ادا نه ڪري صحافين کي بيروزگار ڪرڻ سان پوري دنيا کي خبر پئجي وئي آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته حج مهانگو ڪرڻ جي پويان قادياني لابي جو هٿ لڳي رهيو آهي، جيڪي اڄ به حڪمرانن جي صفن ۾ موجود آهن، هن چيو ته حج تي سهولت ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي، احسان نه ۽ ٻين شين تي به سبسڊي ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي.
هن چيو ته تبديلي جي نالي تي ملڪ ۾ لادينيت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ۽ پهرين مارچ کان دعوت الله مهم هلائي عوام تائين قرآن ۽ سنت جو پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته ڀارت جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي طرف ميري اک سان ڏٺو ته ٻاويهه ڪروڙ عوام پاڪستان جا مجاهد بڻجي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪندا.
ميڙاڪي بعد جماعت اسلامي صوبي سنڌ جو امير محمد حسين محنتي جماعت اسلامي ٽنڊوڄام جي اطلاعت سيڪريٽري سليم ڪي ڪي جي رهائشگاهه تي پهچي سندس وڏي ڀاءُ محمد سرور جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي. ان موقعي تي عبدالله درس، عبدالوحيد قريشي، مجاهد چنا، حافظ طاهر مجيد حافظ غيور احمد ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.01