واهي پانڌي ۾ بنون واسي ٽماٽن جي واپارين جا چاليهه لک کڻي فرار، متاثرن جو احتجاج

news

واهي پانڌي (رپورٽ: نظام رستماڻي) سومر 18 فيبروري 2019ع:واهي پانڌي ۾ بنون واسي ٽمائرن جو واپاري زميندارن جا 40 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو. زميندارن ۾ مايوسي ڇانيل، پوليس ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو، زميندارن پاران پٺاڻ واپاري خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب واهي پانڌي سبزي منڊي ۾ بنو واسي واپاري رفيق پٺاڻ مقامي آبادگارن جي ٽماٽرن جا 40 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو آهي.

متاثر زميندارن غلام محمد رستماڻي، صلاح لغاري حڪيم رستماڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فرار ٿي ويل واپاري رفيق پٺاڻ گذريل هڪ مهيني کان ٽماٽرن جو واپار ڪري رهيو هو، ڏيتي ليتي دوران مختلف زميندارن جا 40 لک رپيا رهت کانپوءِ رات جي پيٽ ۾ اوچتو فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي پر فراڊي واپاري هن مهل تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.

پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود هن مهل تائين پوليس ڪو به ايڪشن نه ورتو آهي، متاثر زميندارن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فراڊي واپاري کي گرفتار ڪري ساڻن پئسا واپس ڪرايا وڃن ۽ سندس خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.01