ڪلڀوشن ڪيس، انصاف جي عالمي عدالت ۾ پاڪستان جا دليل پورا

news

دي هيگ: اڱارو 19 فيبروري 2019ع: انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پاڪستاني وڪيلن ڀارتي موقف جي جواب ۾ ڀرپور دليل ڏنا آهن.

انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ياديو بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٻئين ڏينهن به جاري رهي، ايڊهاڪ جج جسٽس (ر) تصدق جيلاني طبيعت خراب هجڻ سبب عدالت نه آيو، پاڪستان جي اٽارني جنرل انور منصور تصدق حسين جيلاني جي بيماري سبب متبادل ايڊهاڪ جج جي مقرري جي اپيل ڪئي.

عالمي عدالت طرفان پاڪستان جي اپيل رد ڪرڻ کانپوءِ اٽارني جنرل انور منصور دليل ڏيڻ شروع ڪيا، اٽارني جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ڀارت ۾ ڪئي ويندي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ ڀارت جي ايجنٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عدالت ۾ ڏنل اعترافي بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪلڀوشن کان ڪنهن دٻاءُ جي بنا بيان ورتو ويو، پاڪستان واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان التوا هيٺ مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا.

پاڪستان جي وڪيل خاور قريشي چيو ته ڀارت ڪوڙ جي ڪمزور ڀت تي ويٺل آهي، هو سچائي جو  رستو روڪڻ لاءِ پاڪستنا خلاف پروپيگنڊا ڪري ٿو، هڪ ط رف ڀارت عالمي عدالت سان رابطو ڪيو آهي ته ٻئي طرف پاڪستان جي سوال جو جواب ڏيڻ کان ڀارت لکت ۾ انڪار ڪري چڪو آهي، ڀارت ڪلڀوشن جي شهريت جو ئي اعتراف نه ڪيو ته قونصلر رسائي جو مطالبو ڪيئن ٿو ڪري سگهي.

خاور قريشي ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر ۽ پراون سوامي جي ڏنل رپورٽن جا حوالا ڏيندي چيو ته ويانا ڪنوينشن جي تحت ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فورم موجود آهي، ڀارت جو 47 سالن جي عمر ۾ ڪلڀوشن جي رٽائرمينٽ جو چوڻ ناقابل فهم آهي، ڀارت نه ٻڌايو ته هو حسين مبارڪ پٽيل آهي يا ڪلڀوشن ياديو، ڪلڀوشن جي گرفتاري کانپوءِ ڀارت ڪهڙي جاچ ڪئي؟ ڪلڀوشن وٽ مسلمان نالي سان پاسپورٽ ڪيئن موجود هو، ڪلڀوشن کي ايران کان پاڪستان اغوا ڪري آڻڻ جي الزام جو ڪهڙو ثبوت آهي.

گذريل ڏينهن ڀارتي وڪيل هريش سالوي پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ڪلڀوشن ياديو ڪيس مبالغه آميز ڄاڻ تي ٻڌل آهي، انصاف جي عالمي عدالت ڪلڀوشن جي آزادي جو حڪم ڏئي، هن جو مطالو هو ته انصاف جي تقاضا اها ئي آهي ته عدالت انساني حقن کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاري.

پاڪستان ۽ ڀارتي وڪيلن جي دليلن کانپوءِ بحث ۽ جرح جي شروعات ٿيندي، 20 فيبروري تي ڀارت جڏهن ته خميس 21 فيبروري تي پاڪستاني وڪيل بحث ڪندا، ڪلڀوشن ياديو ڪيس جي جرح جي پوري ڪارروائي انصاف جي عالمي عدالت جي ويب سائيٽ تي سڌي سنئين نشر ڪئي وئي.