ف ليگ اڳواڻ شعيب بلوچ پاران بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڊي سي مٽياري سان ملاقات

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 19 فيبروري 2019ع:فنگشنل ليگ ضلعي مٽياري جي جنرل سيڪريٽري سردار شعيب بلوچ جي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ سان علائقي جي مسلئن جي حوالي سان گڏجاڻي، علائقي جي روڊن جي نئين سرتعمير مرمت ۽ ٻين ترقياتي  اسڪيمن جون درخواستون ڏنيون آهن.

ڊپٽي ڪمشنر علائقي جا مسئلا ترجيجي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي، شعيب بلوچ تفصيل موجب فنگشنل ليگ ضلعي مٽياري جي جنرل سيڪريٽري سردار شعيب بلوچ جي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ سان علائقي جي مسئلن بابت ملاقات ڪري کيس آگاهه ڪيو.

جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري شعيب بلوچ کي يقين دهاني ڪرائيندي چيو ته اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا مسئلا ترجيجي بنيادن تي حل ڪرائي هتان جي عوام مان احساس محرومي ختم ڪئي ويندي. ان موقعي تي شعيب بلوچ چيو ته تعلقي مٽياري جي خاص طور يوسي اڏيرو لال اسٽيشن ۽ يوسي حسين هنڱورو سميت ٻين يوسين جي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا گذريل  20 سالن کان حل ٿي نه سگهيا آهن.

اهڙي صورتحال سبب  عوام پريشاني واري زندگي گذاري رهي آهي، هتان جو عوام گئس، بجلي، روڊ، ڊرينيج سسٽم، تعليم، صحت، جهڙي بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهن، جڏهن ته شعيب بلوچ ڊي سي مٽياري کي علائقي جي روڊن جي نئين سر تعمير ۽ روڊن جي مرمت ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جون درخواستون پڻ ڏنيون.

جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر تعلقي مٽياري مان پٽروليم ۽ گئس جي کوٽائي ڪندڙ ڪمپنين طرفان سوشل ويلفيئر ۽ پراڊڪشن بونس جي مد ۾ ملندڙ فنڊمان  ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي يقين دهاني پڻ ڪرائي.01