گمبٽ ۾ ميمڻ برادري پاران موبائل جي دڪان مان چوري ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

گمبٽ: اڱارو 19 فيبروري 2019ع:گمبٽ مان اڻڄاتل چور موبائل جي دڪان مان موبائلن جا سيٽ ۽ روڪ رقم کڻي ويا، ميمڻ برادري جي ماڻھن پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي ٻاھيون ڏئي 12ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ڇڏيو، پوليس روڊ کولرائن ۾ مڪمل ناڪام، مريض ۽ شاگرد سخت پريشان، پوليس فرانزڪ مشين ذريعي واقعي واري ھنڌ تان فنگر پرنٽ جا نشان وٺي، واپس ڌرڻو برقرار، خبر موجب گمبٽ پريس ڪلب ڀرسان اڻڄاتل چور سرفراز ميمڻ  جي موبائل دڪان مان موبائلن جا سيٽ ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا.

اھڙي واقعي بعد ميمڻ  برادري جي ماڻھن سرفراز ميمڻ، عمير ميمڻ، سراج، جنيد، زاھد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گمبٽ اڳيان مکيا ڀٽائي چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري روڊ تي گلم وڇائي 12ڪلاڪن تائين ڌرڻو قائم رکيو مظاھرين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته چور دڪان مان لکين روپين جو ڏوھ ڪري ويا آھن.

ڏوھ جي واپسي تائين ڌرڻو جاري رکبو، گمبٽ پوليس مظاھرين وٽ بي وس ٿي ڳالھيون ڪندي رھي پر مظاھرين پوليس جي ھڪ به نه ٻڌي، پنھنجي ڌرڻي کي ختم نه ڪيو، جنھن ڪري گمس اسپتال ڏانھن ويندڙ مريضن ڪاليجن ۽ اسڪولن کان واپس ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت پريشان، ڌرڻي ۾ ويٺل مڇريل ماڻھون ۽ ايندڙ گاڏين جي مسافرن ۾ ڇوڪريون 12 ڪلاڪن تائين روڊ تان ھڪ به گاڏي جو گذر نه ٿيو، گمبٽ پوليس لاڙڪاڻي مان فرانزڪ مشين واري گاڏي گھرائي موبائلن جي دڪان مان فنگر پرنٽ ورتا، پر مظاھرين پنھنجو ڌرڻو ختم نه ڪيو، خبر موڪلڻ تائين ڌرڻو جاري ھو.01