نيپرا بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو اسي پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

 اسلام آباد: اربع 20 فيبروري 2019ع: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جو في يونٽ هڪ رپيو 80 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهه ۾ في يونٽ هڪ رپيو 94 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جنوري ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار 7 ارب 76 ڪروڙ يونٽ رهي ۽ بجلي جي پيداوار ۾ في يونٽ فيول لاڳت 7 رپيا 69 پئسا رهي، جڏهن ته جنوري لاءِ بجلي پيداوار تي في يونٽ فيول لاڳت جو ڪاٿو 5 رپيا 75 پئسا هئا.

نيپرا عملدارن سوال اٿاريو ته ايل اين جي بدران پاور پلانٽس کي فرنس آئل تي وڌيڪ ڇو پيو هلايو وڃي؟ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي لکت ۾ ٻڌائي ته فرنس آئل جو وڌيڪ استعمال ڇو آهي ۽ سبب ٻڌايو وڃي ته پاور پلانٽس کي ايل اين جي فراهمي ۾ ڪهڙا مسئلا آهن؟

نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي بجلي هڪ رپيو 80 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته هن فيصلي جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي نه ٿيندو.