سبي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
ويب ڊيسڪ | 10 مھينا پھريان

سبي: خميس 21 فيبروري 2019ع: بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ 3.2 شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهنڪري شهرين ۾ ڊپ پکڙجي ويو ۽ هو ڪلمو پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
سبي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جي لوڏن سبب علائقي واسين ۾ ڊپ پکڙجي ويو، ماڻهو قرآن آيتن ۽ ڪلمي جو ورد ڪندا رهيا.
ري ايڪٽر اسڪيل مطابق زلزلي جي شدت 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، زلزلي جو مرڪز سبي کان 95 ڪلوميٽر پري اتر اوڀر هو، جڏهن ته زلزلي جي زمين اندر گهرائي 15 ڪلوميٽر هئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

119