واهي پانڌي ڀرسان اٺ نئيون وهي اچڻ ڪري ستر کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهر سان رابطو ڪٽيل

news

واهي پانڌي:(رپورٽ: نظام رستماڻي) خميس 21 فيبروري 2019ع: کيرٿر جي جابلو پٽي تي زوردار وسڪاري کانپوءِ 8 نئيون وهي آيون، جوهي، دادو سان واهي پانڌي ۽ گورک هل کي ملندڙ روڊ بند، جڏهن ته 70 کان وڌيڪ ڳوٺ جو پڻ شهرن سان زميني رابطو گذريل 24 ڪلاڪن کان ڪٽيل، بجلي جو ٻن ڏينهن کان بريڪ ڊائون، علائقي واسي پريشان. 

تفصيل موجب کيرٿر جي جابلو پٽي تي زوردار وسڪاري کانپوءِ مختلف نئيون وهي اچڻ ڪري واهي پانڌي ۽ گورک کي جوهي دادو سان ملائيندڙ روڊ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بند هجڻ ڪري علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، نئين گاج جو وڏو وهڪرو علائقي کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو.

ان کانسواءِ نئين نلي، نئين سوري، نئين ڪڪڙاني، نئين تڪي ۽ ٻيون نئيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جو گذريل 24 ڪلاڪ جوهي، دادو ۽ واهي پانڌي سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، جنهن ڪري ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي پڻ کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنھن ڪري علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي  رهيا آهن.01