سام سنگ پاران فولڊ ايبل گليڪسي سمارٽ فون جي رليز جو اعلان

news

نيويارڪ: خميس 21 فيبروري 2019ع: سام سنگ پنهنجي انقلابي فولڊ ايبل سمارٽ فون سام سنگ گليڪسي فولڊ 26 اپريل تي وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سام سنگ فولڊ ايبل فون جي باري ۾ گذريل سال نومبر ۾ هڪ ٽيزر جاري ڪيو هو پر هاڻ ان کي باقاعدا سامهون آڻي لانچ جي تاريخ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

سام سنگ جو چوڻ آهي ته گليڪسي فولڊ ۾ 4.6 انچ ۽ 7.3 انچ جون ٻه اسڪرينون لڳل هونديون، 4.6 انچ اسڪرين فون موڊ جي لاءِ جڏهن ته وڏي 7.3 اسڪرين ٽيبليٽ موڊ جي لاءِ هوندي ۽ اها فولڊ به ڪري سگهبي.

ان کان علاوه ان فون ۾ 4380 ايم اي ايڇ جون ٻه الڳ الڳ بيٽريون لڳايون ويون آهن. سام سنگ گليڪسي فولڊ ۾ 12 جي بي ريم، 512 جي بي اسٽوريج ميموري ۽ ڪولڪام جو 7 اين ايم جو انتهائي طاقتور اوڪٽا ڪور پروسيسر لڳل هوندو.

ان فون جي ٽيبليٽ موڊ ۾ هڪ وقت 3 ايپليڪيشنز هلائي سگهجن ٿيون يعني اوهان هڪ ئي وقت ۾ يوٽيوب تي وڊيو ڏسڻ سان گڏوگڏ واٽس ايپ تي چيٽ ۽ فيس بڪ يا برائوزر استعمال ڪري سگهو ٿا سام سنگ پنهنجي گذريل ڏينهن جي ايونٽ ۾ ان فون کي عوام جي آڏو پيش ڪيو ۽ هڪ وقت ان ۾ مختلف ايپس هلائڻ جو مظاهرو به ڪري ڏيکاريو.