ڪرس گيل شاهد آفريدي کان ڇڪن جي بادشاهت کسي ورتي

news

لاهور: خميس 21 فيبروري 2019ع: ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل شاهد آفريدي جو سڀ کان وڌيڪ 476 ڇڪا هڻن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

ورلڊ ڪپ 2019ع کانپوءِ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪندڙ ڪرس گيل اهو اعزاز انگلينڊ خلاف ڪنگسٽن اوول ۾ کيڏي ويندڙ پهرئين ون ڊي ميچ ۾ پنهنجي نالي ڪيو.

ڪرس گيل 135 رنسن جي اننگز ۾ 12 ڇڪا هنيا، هو هينئر تائين مجموعي طور تي 477 ڇڪا پنهنجي نالي جي آڏو داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، هن اهو ڪارنامو صرف 444 هين ميچ ۾ انجام ڏنو آهي.

ان کان اڳ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 476 ڇڪا هڻي شاهد آفريدي اهو رڪارڊ بڻائي رکيو هو، بوم بوم آفريدي سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جي لاءِ 524 ميچون کيڏيون آهن، ڪرس گيل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 276، ٽي ٽوئنٽي ۾ 103 ۽ ٽيسٽ ميچن ۾ 98 ڇڪا هڻي شهرت جي اونچائين کي ڇهيو آهي.