انسائيٽ خلائي جهاز مريخ جو موسمياتي خبرنامو موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: خميس 21 فيبروري 2019ع: مريخ تي موجود خلائي جهاز جي ڪري ڳاڙهي سياري جي روزاني جي بنياد تي موسمياتي خبر ڄاڻي سگهجي ٿي، اهڙي طرح هاڻ اسان زمين کان علاوه ڪنهن ٻئي دنيا جي موسم کان به آگاهه ٿي سگهون ٿا.

شمسي نظام جي اهم ۽ زمين جي پاڙيسري سياري تي ناسا طرفان هاڻوڪن ڏينهن ۾ انسائيٽ نالي خلائي جهاز موڪليو ويو آهي ۽ ان جي حساس ترين اوزارن کي جديد ترين موسمياتي اسٽيشن قرار ڏئي سگهجي ٿو، اهو خلائي جهاز مريخ جي گرمي پد، هوا جي رفتار ۽ دٻاءُ وغِرا جي خبر ڏيندو رهندو آهي.

مريخ تي زلزلو ماپيندڙ اوزار به آهن ۽ پنهنجي جديد نظامن جي ڪري اهو زمين جي اندروني ڪيفيتن ۽ ان جي ساخت تي به نظر رکي سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ اهو موسم جو احوال به 24 ڪلاڪ نشر ڪندو رهندو آهي.

انسائيٽ ۾ آگزيلري پي لوڊ سب سسٽم موسمياتي خبر وٺندو رهندو آهي جڏهن ته ان ۾ جديد زلزلو ماپيندڙ ۽ مقناپيما به لڳل آهن.

جڏهن موسمياتي اسٽيشن مشهور جيٽ پروپلشن ليبارٽري تيار ڪئي آهي جنهن سبب اهو مريخ تي طوفان ۽ موسم صاف رهڻ جي خبر ڏيندو  رهندو آهي.

17 فيبروري تي مريخ جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد ڪاٽو 17 ۽ ڪاٽو 95 درجا سينٽي گريڊ هو ۽ اتي 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوا هلي رهي هئي. جيڪڏهن اوهان مريخي موسم ۾ دلچسپي رکو ٿا ته روزاني جو موسمياتي احوال هتان کان معلوم ڪري سگهجي ٿو.