برگر نه آڻڻ تي زال پاران مڙس کان طلاق جو مطالبو

news

دبئي: خميس 21 فيبروري 2019ع: گڏيل عرب امارتن ۾ مڙس کي لاپرواهي مهانگي پئجي وئي، برگر نه آڻڻ تي زال مڙس کان طلاق جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اوهان گهريلو ناچاڪي ۽ ذاتي ناپسنديدگي سبب شادي شده جوڙن کي الڳ ٿيندي ڏٺو هوندو پر اماراتي زال مڙس کان برگر نه وٺي اچڻ تي طلاق گهري ورتي.

ابوظهبي جي رهواسي 20 ورهين جي عورت ان وقت ڪاوڙجي پئي جڏهن مڙس دوستن سان گڏجي گهمڻ کانپوءِ هٿين خالي گهر موٽيو.

زال برگر جي انتظام ۾ ويٺي رهي، اڌ رات گذري وڃڻ کانپوءِ مڙس ٽي وڳي گهر موٽيو ان جا هٿ خالي هئا جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ زال گهر به ڇڏڻ جو ارادو ڪري ورتو.

مقامي وڪيل جو چوڻ هو ته ان قسم جا واقعا ٿيندا رهندا اهن، معمولي تڪرار تي خاندان تباهه ٿي ويندو آهي، شادي شده زندگي گذارڻ لاءِ زال مڙس ۾ صبر ۽ برداشت هجڻ ضروري آهي.

هن اهو به چيو ته گڏيل ڳالهه ٻولهه سان حل نڪري وڃي ته جوڙن کي عدالتن جو رخ ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي. وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذڪر ڪيل معاملو عدالت ۾ اٿاريو ويندو، جج طرفان گڏيل صلح تي زور ڏنو ويندو جڏهن ته زال جي طلاق جي لڳاتار اصرار تي طلاق به ٿي سگهي ٿي.