ڀارت جي پاڪستان کي ڌمڪين کانپوءِ ترڪي ميدان ۾ اچي ويو

news

اسلام آباد: خميس 21 فيبروري 2019ع: پلواما حمي کانپوءِ جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي ڌمڪين کانپوءِ ترڪي به ميدان ۾ اچي ويو، ترڪ پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ لکيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قربانين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ سڌن لفظن ۾ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن.

تفصيل موجب ترڪ پارليامينٽ ميمبرن اهڙي وقت ۾ وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو جڏهن پاڪستان کي ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪيو، وزيراعظم کي لکيل خاص خط ۾ چيو ويو ته اسان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ هر محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏينداسين.

ترڪ پارليامينٽ ميمبرن دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو، ترڪ پارليامينٽ ميمبرن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن.