حيدرآباد ۾ مادري ٻولين جي ڪردار جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس شروع

news

حيدرآباد(رپورٽ: قائم علي جمالي) خميس 21 فيبروري 2019ع:حيدرآباد ۾ ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار پاران 21 صدي ۾ مادري ٻولين جي ڪردار جي عنوان سان ٻه روزه قومي ڪانفرنس شروع. ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي سميت ٻين مادري ٻولين جي اديبن، دانشورن ليکڪن سميت ٻولي جي لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

قاضي خادم جي صدارت هيٺ شروع ٿيل ڪانفرنس ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان مادري ٻولين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پتوڙيندڙ  شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي سنڌ جي ناليواري اديب ڏاهي قاضي خادم خطاب ڪندي چيو ته ٻولي کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ميڊيا کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌي چينلن کي ٻولي جا ماهر ادارن ۾ مقرر ڪري بهتر ٻولي جهر جنگ تائين پهچائڻ گهرجي، سنڌ ۾ 17 هزار اسڪولز، 400 ڪاليج ۽ 50 يونيورسٽيز آهن پر ڪتابن جي پڙهڻ جو رجحان تمام گهٽ آهي نوجوان نسل کي ڪتابن سان دلچسپي رکڻ گهرجي.

ليکڪ ڪالميسٽ جامي چانڊيو چيو آهي ته وفاق مادري ٻولين کي اهميت نه ڏئي غلطي ڪري رهي آهي، سائين مدد علي سنڌي چيو ته لطيف سنڌي ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻولي کي هميشه جي لاءِ زندهه ڪري ويو، سرائيڪي ٻولي جي اجاگر ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ نظر عارف چيو ته سرائيڪي ماڻهو سنڌي ماڻهن جا احسان مند آهن، سنڌ جي بزرگن جو سرائيڪي ماڻهن سان پراڻو واسطو رهيو آهي.

قومي ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن نديم شبنم، سعيده ڪمال، احمد سليم، قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر نصر الله خان پشتو، نديم شاڪر بروهي براهوي، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد اردو، احمد سليم پنجابي، ڊاڪٽر حامد علي بلوچي سميت ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي راڳ رنگ جي محفل وقار ملاح، فهيم علڻ، چنگ نواز علي احمد فن جو مظاهرو ڪيو.01