سن ۾ شهرين پاران پوليس جي زيادتين خلاف ڌرڻو

news

سن :خميس 21 فيبروري 2019ع: سن ۾ شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي گھوٽ ۽ سندس وڏي ڀاءُ سميت 20 اڻڄاتل ڄاڃين مٿان سب انسپيڪٽر  جي فرياد تي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آهي.

خبر موجب سن ۾ امير شاھ جي شادي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سب انسپيڪٽر خادم حسين راڌڻ جي فرياد تي گھوٽ امير شاھ سندس وڏي ڀاءُ شير علي شاھ، 20 اڻڄاتل ڄاڃين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

جنھن بعد سب انسپيڪٽر خادم حسين راڌڻ جي اڳواڻي ۾ گھوٽا مير شاهه جي ريزڪي دڪان تي چڙھائي ڪري سندس ننڍي ڀاءُ پير محمد شاھ کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري کڻي وئي، جنهن تي شهرين گهوٽ امير شاهه سندس پيءِ پير نبي شاهه ۽ ڀاءَ شير علي شاهه جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪري شهر جو گشت ڪري ٿاڻي جي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي گهوٽ جي پيءُ پير نبي شاهه دانهيندي الزام هڻندي چيو ته وڏي منشي ۽ ايس آءِ پي خادم حسين راڌڻ ڊي ايس پي جي چوڻ تي ڪوڙو ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪيو آهي، 17 فيبروري تي ڪيس داخل ڪيو آهي، پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري اڄ اسان جي دڪان تي چڙھائي ڪري منھنجي ننڍي پٽ کي گرفتار ڪري کڻي وئي.

جڏھن ته 17 فيبروري تي اسان ڄڃ سميت ميھڙ جي ڀرسانڳوٺ نظيرآباد ۾ پٽ اميرشاهه جي نڪاح جي رسم ۾ موجود ھياسون ھن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته من گھڙت ۽ ڪوڙو داخل ڪيلڪيس ختم ڪري اعليٰ سطح جاچ ڪرائي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان به عدالت جو در کڙڪائنيداسين.

ٻئي طرف ڊي ايس پي آمري  ارباب علي سومري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سب انسپيڪٽر خادم حسين راڌڻ مونکي ٻڌايو ته سن ۾ ڪنهن شادي جي تقريب ۾ فائرنگ پئي ٿي ۽ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ هلن پيا، جنهن تي مون کين چيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪريو.01