سن ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پاران وزن ڪرڻ واري ڪانٽي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سن : خميس 21 فيبروري 2019ع:سن ڀرسان شالماڻي ۾ لڳل ٽرڪن جي وزن ڪرڻ واري ڪانٽي جي عملدارن ڏنڊا ساڻ ڪري ٽيڪس نه ڏيندڙ ٽرڪن جي ڊرائيورن کي سخت  تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور حاجي زاهد ڏنڊا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اتي موجود ٻين ڊرائيورن سيوهڻ اسپتال پهچايو.

جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. جنهن کان پوءِ ڊرائيورن جن ۾ احسان احمد، مجاهد حسين، سجاد حسين، عباس جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڪانٽي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ تي روڪاوٽون وجھي روڊ ٻنهين طرفن کان بند ڪري ڇڏيو.

جنهن جي ڪري روڊ جي ٻنهين طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ، جنهن جي ڪري گاڏين جا  مسافر پنهنجي منزل ڏانهن ٽائيم تي نه پهچڻ سبب  پريشانن ٿي رهيا. ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ڄامشورو پيٽارو وٽ ڪانٽي لڳل آهي اتي اسان ٽيڪس ڏئي آيا هئاسين، پر شالماڻي وٽ لڳل ٽرڪن جي وزن ڪرڻ وارو ڪانٽو غيرقانوني آهي ۽ سرعام غنڊا ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهيا آهن، ٽيڪس نه ڏيندڙ ٽرڪن جي ڊرائيون تي ڏنڊن وسايا وڃن ٿا.

اڄ به اسان جڏهن هنن کي غنڊا ٽيڪس نه ڏنو ته هي مڇرجي پيا ۽ اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ اسان جو هڪ ڊرائيور سخت زخمي آهي جنهن اسان سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شالماڻي اسٽاپ تي لڳل غيرقانوني ڪانٽو بند ڪري ٽرانسپورٽن سان انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف ڪانٽي جي مينيجر محمد اسماعيل کوسي ٻڌايو ته اسان ٽرڪ جي ڊرائيورن کان ڪانٽي جي وزن جي رقم گھري ته جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ اسان جا به ملازم جنهن ۾  غلام حسين سورياڻي، رضا حسن خاصخيلي ۽ علي مدد کوسو زخمي ٿي پيا آهن، اسان سن ٿاڻي تي 10 ٽرڪ ڊرائيورن خلاف حملي جي اين داخل ڪرائي آھي، بعد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.01