پاڻي روڪڻ واري ڌمڪي ڪلڀوشن ڪيس ۾ ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي: واوڊا

news

 اسلام آباد: جمعو 22 فيبروري 2019ع: پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته ڀارت جي پاڻي روڪڻ واري ڌمڪي ڪلڀوشن ڪيس ۾ ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪي نٿو سگهي، پاڻي روڪڻ واري ڌمڪي اجائي ڳالهه آهي، جڏهن ته ڀارت جي اها ڌمڪي ڪلڀوشن ڪيس ۾ ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ناڪامي جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏئي نٿو سگهي، حڪومت ايندڙ چونڊن کي نظر ۾ رکندي الزام مڙهي رهي آهي.

فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته ڀارت اهو ڄاڻي وٺي ته هي نئون پاڪستان آهي، ڀارت جنگ جي نتيجن کان باخبر رهي، بهادر پاڪستاني فوج ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي، ڀارت جو جنگي جنون کيس ڪو فائدو نه ڏيندو.