گرفتارين جو ڊپ: ڄام خان شورو ۽ اعجاز جکراڻي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرائي ورتي

news

 ڪراچي: جمعو 22 فيبروري 2019ع:  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوءِ پيپلز پارٽي اڳواڻن حفاظتي ضمانتون منظور ڪرائي ورتيون آهن.

نيب هٿان گرفتار ٿيڻ جي ڊپ کان پ پ پ جي وزيرن اعجاز جکراڻي ۽ ڄام خان شورو حفاظتي ضمانت وٺڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا. ڄام خان شورو نيب جي جاچ ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست داخل ڪندي چيو ته نيب سندس خلاف مختلف انڪوائريز ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ضمانت تي آهيان پر وڌيڪ الزامن ۾ گرفتاري جو خدشو آهي. ڄام خان شورو عدالت کي اپيل ڪئي ته نيب کي وڌيڪ ڪنهن ڪارروائي کان روڪيو وڃي ۽ گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان مشروط ڪيو وڃي.

اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز جکراڻي به گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي آهي، مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.