مراد علي شاهه جو پير پاڳاري کي فون، آغا سراج دراني جي گرفتاري واري معاملي تي ڳالهيون

news

 ڪراچي: جمعو 22 فيبروري 2019ع:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪيو آهي.

رپورٽن مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪيو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون. پير پاڳاري سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ سراج دراني جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪندي.

ٻئي پاسي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي ٻين پارلياماني اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي ۽ سراج دراني جي گهر تي ڇاپي جي مذمتي ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.