پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ هڪ غدار طور سامهون آيو: مراد سعيد

news

 اسلام آباد: جمعو 22 فيبروري 2019ع:  وفاقي وزير مراد سعيد جو چوڻ آهي ته عالمي انصاف واري عدالت ۾ نواز شريف جو بيان پاڪستان مخالف انداز ۾ هلايو ويو، اها بدقسمتي آهي جو 3 ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم  رهندڙ ڀارت ۾ هڪ غدار طور سامهون اچي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ شاهد خاقان عباسي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري، سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گرفتار ڪيو ويو پر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪير پڪڙيندو؟ نيب آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهن کي ثبوتن ۽ وارنٽن کانسواءِ گرفتار ڪري رهي آهي، خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ زيادتي آهي.

ان تي مراد سعيد جواب ڏيندي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪندي چيو ته عجيب تماشو آهي، چيو وڃي ٿو ته اسيمبلي تڏهن هلندي جڏهن شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويندا، چيو وڃي ٿو ته شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻايو وڃي، هڪ طرف ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هتان کان پيغام وڃڻ گهرجي ها ته ڀارت ويڙهه شروع ڪئي ته پڄاڻي اسان ڪنداسين.

مراد سعيد وڌيڪ چيو ته عالمي انصاف واري عدالت ۾ نواز شريف جو بيان پاڪستان خلاف ثبوت طور پيش ڪيو ويو، جيڪو شخص 3 ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم رهيو اهو غدار طور سامهون آيو، شرم جهڙي ڳالهه آهي ته عالمي عدالت انصاف ۾ نواز شريف جو بيان پاڪستان مخالف انداز سان هلايو ويو. مراد سعيد جي تقرير تي مخالف ڌر اڳواڻن اسيمبلي اندر گوڙ ۽ هنگامو شروع ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ پڻ ڪيو.