ڪراچي ۾ پنج ٻارڙن جو موت: شروعاتي رپورٽ وڏي وزير کي پيش

news

 ڪراچي: جمعو 22 فيبروري 2019ع:  ڪراچي ۾ مبينا طور فوڊ پوائزننگ سبب فوت ٿيندڙ 5 ٻارڙن جي موت بابت سنڌ فوڊ اٿارٽي جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ هوٽل جي ماني کائڻ سبب 5 ٻارڙن جي موت کانپوءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم حرڪت ۾ اچي وئي آهي، جنهن صدر ۾ واقع هوٽل جو دورو ڪيو، ٽيم رڌڻي جو معائنو ڪيو ۽ کاڌن جا نمونا ٽيسٽ لاءِ ورتا. فوڊ اٿارٽي عملدارن گيسٽ هائوس جو به دورو ڪيو، جتي متاثر ڪٽنب ترسيل هو، عملدارن ڪمري ۾ کاڌل کاڌي جا نمونا به ورتا.

ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي امجد لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ هن وقت تائين 15 ماڻهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. امجد لغاري وڌيڪ چيو ته رڌڻي ۾ ايگزاسٽ نظام ناهي، هوٽل اندر جيڪي شيون ڏٺيون ويون انهن جي مينٽينس به بهتر ناهي، جڏهن ته هوٽل ۾ موجود ديڳن ۾ پراڻي برياني پيل هئي، جنهن جا به نمونا جمع ڪيا آهن.

سنڌ فوڊ اٿارٽي 5 ٻارڙن جي موت بابت شروعاتي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هوٽل ۽ ڪمري مان کائڻ پيئڻ جا نمونا وٺي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا آهن. فوڊ اٿارٽي جي رپورٽ مطابق متاثر ڪٽنب ڪوئيٽا کان ڪراچي پهتو ۽ صدر جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ رات ترسيو، جڏهن ته متاثر خاندان ڪوئيٽا کان ڪراچي سفر دوران خضدار ۽ حب ۾ به ماني کاڌي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر ڪٽنب ڪراچي پهچڻ تي پارسل برياني ورتي ۽ گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ کاڌي، برياني کانپوءِ عورت الٽيون ڪرڻ شروع ڪيون ته سندس مڙس کيس اسپتال وٺي ويو.

رپورٽ مطابق ٻئي زال مڙس صبح جي وقت واپس گيسٽ هائوس پهتا ته ان جا 5 ٻار ۽ هڪ مائٽ ڪمري اندر بيهوش پيا  هئا، جن کي ترت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻارڙن جي موت جي تصديق ٿي.

ٻئي پاسي سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻارڙن جي والدين سان پاڻ وڃي ملي ۽ جيڪڏهن هو واپس ڪوئيٽا وڃڻ چاهين ٿا ته ان جو بندوبست ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته واقعي تي دلي صدمو پهتو، ٻارڙن جي موت جي تڪليف محسوس ڪري رهيو آهيان، انهن سان انصاف ٿيندو.