هن ڀيري ڀارت خلاف فوجي ردعمل مختلف قسم جو هوندو: ميجر جنرل آصف غفور

news

 اسلام آباد: جمعو 22 فيبروري 2019ع: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون بهتر ٿينديون آهن ته ڀارت ۾ ڪو نه ڪو واقعو ٿيندو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 14 فيبروري تي پلواما ۾ ڪشميري نوجوان قابض فورسز کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان تي الزامن جي برسات شروع ٿي وئي، بنا سوچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي الزام مڙهيا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فيبروري ۽ مارچ ۾ پاڪستان ۾ 8 اهم ايونٽس ٿي رهيا هئا، سعودي ولي عهد جو دورو، گڏيل قومن ۾ ٽيررلسٽ تي ڳالهيون، افغان امن عمل، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن تي ڳالهيون، انصاف واري عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ڪيس، ايف اي ٽي ايف جي سٽنگ، ڪرتارپور سرحد تي ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ۽ پاڪستان سپر ليگ جا مئچ هئا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پلواما حملي جو پاڪستان کي نقصان آهي، ڀارت ۾ ڪيترائي ماڻهو ان حملي جي اڳڪٿيون ڪري رهيا هئا، اهو نه وساريو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ هن 8 ايونٽس کانسواءِ ڀارت ۾ چونڊ به ٿيڻ واري آهي، جڏهن ته ڪشمير ۾ هن وقت جدوجهد عروج تي آهي جيڪا ڀارت جي قابو کان ٻاهر آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي فورسز تي جنهن ڪشميري حملو ڪيو اهو والاريل ڪشمير جومقامي نوجوان هو ۽ هي واقعو ايل او سي کان ڪيترائي ميل پري ٿيو، ڌماڪيدار مادو پاڪستان کان ناهي ويو ۽ گاڏي به پاڪستان جي نه هئي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جو هڪ ڊفينس آهي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان کان ايل او سي کان ڪو ڪراس ٿئي، اهڙو علائقو جتي فورسز جو انگ اتان جي مقامي ماڻهن کان به گهڻو آهي، جيڪڏهن اتان ڪو ڪراس ٿي وڃي ته پوءِ پنهنجي فورسز کان پڇو ته 70 سالن کان ڪيئن ويٺا آهن؟ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جي صورت ۾ ڀارتي دهشتگردي جو ثبوت موجود آهي، اسان خطي ۾ امن جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان ۾ ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ڏيڻ جي سوچ آهي، اسان جي وزيراعظم ڀارت کي اها آڇ ڪئي جيڪا اڳ ۾ ناهي ڪئي وئي، فوج ۽ عوام رت جي سمنڊ مان پار ٿي ملڪ کي زندگي بخشي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان خطي ۾ امن ۽ معاشي استحڪام جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ڀارت ۾ اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پاڪستان جنگي تياريون ڪري رهيو آهي، اسان جنگ ۾ اڳرائي جي تياري نه پيا ڪريون پر دفاع اسان جو حق آهي، جنگ ۽ بدلي جي ڌمڪي ڀارت طرفان اچي رهي آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ان سان فرق نٿو پوي ته توهان وٽ ڪهڙا هٿيار آهن، فرق ان ڳالهه مان پوي ٿو ته توهان کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي آزاد ٿيڻ واري حقيقت ڀارت اڄ ڏينهن تائين مڃي ناهي سگهيو، 1947ع ۾ ڀارت ڪشمير تي حملو ڪيو ۽ 72 سالن کان ان جو ڪشمير تي ظلم جاري آهي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 1965ع ۾ ايل او سي تي ڇڪتاڻ کي ڀارت انٽرنيشنل بارڊر تي کڻي آيو، ان وقت اسان جو ملڪ ترقي طرف وڌي رهيو هو، ان ويڙهه جا اثر اسان جي ملڪ تي پيا، 1971ع ۾ سازش ذريعي ٻه اڌ ڪيو ويو، ڀارت اوڀر پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪيون، اسان ان سانحي مان به ٽپي وياسين. هن چيو ته 1981ع کان 84ع جو وقت اهڙو هو جنهن ۾ اسان جي اوڀر سرحد تي ڪو واقعو نه ٿيو، اسان ٻيهر استحڪام طرف وڌڻ شروع ڪيو پر سياچن واقعو ٿيو، اهڙو علائقو جتي پاڪ فوج جي موجودگي نه هئي اتي آيا ۽ اسان جي علائقي تي قبضو ڪيو، ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين دنيا جي بلند ترين محاذ تي اسان جي فوج ڄمي بيٺل آهي.

هن چيو ته 1998ع ۾ اسان ايٽمي طاقت پنهنجي دفاع لاءِ حاصل ڪئي، ممبئي حملي وقت به ڀارت ۾ عام چونڊون هيون، 2008ع ۾ اسان دهشتگردي خلاف ڀرپور ويڙهه وڙهندي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا هئاسين ته ڀارت پنهنجي فوج سرحد تي وٺي آيو، 2 جنوري 2016ع تي پٺاڻ ڪوٽ وارو واقعو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جي سالميت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته 20 ڪروڙ ان جي محافظ آهي، ڀارت دنيا جي سڀني کان وڏي جمهوريت آهي ۽ جمهوري ملڪن ۾ ويڙهه ناهي ٿيندي، ڪشمير مسئلو خطي جي امن لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهي اچو ان کي حل ڪريون ۽ توهان اسان کي حيران نه ڪري سگهندا پر اسان توهان کي حيران ڪنداسين.

ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته جنرل (ر) اسد دراني جي ملٽري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي تي جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته ٻه سينيئر آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ٻنهي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو. هن چيو ته سائبر وار هلي رهي آهي، جنهن کي هائبرڊ وار به چئي سگهجي ٿو ۽ نوجوان نسل کي هدف بڻايو پيو وڃي، پاڪستان ويڙهه نه ٿو چاهي پر پنهنجي دفاع لاءِ تيار آهي، ڀارت خلاف هن ڀيري فوجي ردعمل مختلف قسم جو هوندو.