جاتي ويجهو نوجوان سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي ٻڏي فوت

news

جاتي: جمعو 22 فيبروري 2019ع:جاتي ويجهو سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل نوجوان ٻڏي فوت، خبر موجب جاتي جي يونين ڪائونسل ڪوٺي جي ڳوٺ بخشو ٿھيم جو رھواسي 23 سالن جو نوجوان بلاول پٽ عرس ٿھيم پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪري رهيو هو ته اوچتو ھوڙي تان پير ترڪي وڃڻ ڪري سمنڊ ۾ ڪري پيو، جنهن جي 7 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو.

هوڏانهن نوجوان بلاول جو اوچتو لاش گھر پھچڻ  تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. سندن والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

جڏهن ته سندس جنازي نماز ڳوٺ حسن ٿھيم ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي ماڻهن سميت ڳوٺاڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01