جاتي ۾ شهرين پاران منشيات ۽ ڪچي شراب جي وڪري خلاف احتجاجي مطاهرو

news

جاتي: جمعو 22 فيبروري 2019ع:جاتي شھر ۾ ھلندڙ موتمار ڪچي شراب ۽ منشيات خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اسڪولي ٻارڙن بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ سوين شھرين، استادن، شاگردن ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سيد وفا حسين شاھ، جمن ملاح ۽ اشرف ٿھيم جي ڳواڻي ۾ مگرڀين چوڪ کان احتجاجي مظاھرو شروع ڪيو، جيڪو شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي شھيد فاضل چوڪ تي پھتو، جتي سوين ماڻھو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.

ڌرڻي جي ڪري ٽن ڪلاڪن تائين جاتي کان نڪرندڙ سمورا رستا بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي، ڌرڻي کي سيد وفا حسين شاھ، استاد اڳواڻ عبدﷲ کٽي، عادل لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جاتي ۾ ھلندڙ منشات انساني جانيون کسي رھي آھي، ڪيترائي ماڻھو زندگي جي جنگ ھارائي ويا آھن، ماڻھو ڪينسر سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن.

ھنن وڌيڪ چيو جاتي پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ ڪچو شراب، چرس، آفيم، گٽڪو ۽ شيشو پيئڻ کانپوءِ موالي اسڪولي ٻارڙن کي تنگ ڪن ٿا پر پوليس منشيات بند ڪرائڻ بدران ڳري منٿلي وٺي منشيات فروشن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي.

ھنن چيو ته جاتي ۾ موتمار ڪچو شراب ناريل جي پاڻي جيئان وڪامي پيو، لاقانونيت سبب انساني جانيو خطري ۾ آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته منشات بند ڪرائي انساني جانيون بچايو وڃن، ٻي صورت ۾ منشيات خلاف ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي.01