ويسر جي عادت ۾ مبتلا نوجوان ڪارائي تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتو

news

ويٽنام: آچر 24 فيبروري 2019ع: پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وسارڻ جي عادت ۾ مبتلا نوجوان تصوير سميت پورو سڃاڻپ ڪارڊ ئي پنهنجي ٻانهن تي ٽيٽو وسيلي ڇپرائي ورتو.

ويٽنام جي ان نوجوان کي هر هر سڃاڻپ ڪارڊ وسارڻ جي عادت هئي ٻين ملڪن جيان ويٽنام ۾ به سگريٽ خريد ڪرڻ، شراب پيئڻ ۽ نائٽ ڪلب ۾ وڃڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي ضرورت هوندي آهي ان جي ڪري نوجوان پورو سڃاڻپ ڪارڊ ئي پنهنجي ٻانهن جي اندروني حصي  تي ٽيٽو جي شڪل ۾ ٺهرائي ورتو.

هوچي من سٽي جي رهواي ان نوجوان جون تصويرون هن وقت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، هو ڪيترائي ڀيرا پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ گهر وساري ويو ۽ نائب ڪلب ۾ ان جي داخلا روڪي وئي ڇو ته هو پاڻ کي قانوني طور تي 18 سالن جو ثابت نه ڪري سگهيو هو، ان کانپوءِ حتمي طور تي هن سڃاڻپ ڪارڊ کي جسم جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو.

ان کانپوءِ هو هڪ ٽيٽو جي دڪان تي ويو ۽ ڳري رقم جي بدلي هن ٽيٽو ٺهرائي ورتو جيڪو ڪارائي جي اندروني حصي تي نمايان آهي، هاڻ سوشل ميڊيا تي ان جون تصويرون تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، ماڻهن تيٽو تي تنقيد ڪندر ان کي غير معياري ۽ بدصورت قرار ڏنو آهي.