شيخ ڀرڪيو ۾ نينگر سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار ٿاڻي تي پيش

news

شيخ ڀرڪيو: سومر 25 فيبروري 2019ع:شيخ ڀرڪيو ۾ ٽي ڏينهن اڳ معصوم ٻالڪ وشواس باگڙي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار رسول بخش عرف رسولو دل کي علائقي جي بااثرن پوليس وٽ پيش ڪري ڇڏيو. جوابدار تي هڪ ڏينهن اڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو پر پوليس جي عدم دلچسپي ۽ ساٿاري هئڻ ڪري جوابدار بازار ۾ سرعام گهمندو رهيو هو. جڏهن ته معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد بااثرن جوابدار کي پوليس وٽ پيش ڪيو پر پوليس جوابدار سان ياري نڀائيندي لاڪپ ڪرڻ بدران ايس ايڇ او جي آفيس ۾ ويهاري ڇڏيو.

جوابدار کي سزا نه ڏيڻ ۽ پوليس پاران جوابدار سان ياري نڀائڻ خلاف عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ پورهيت ليکڪ محب ڀيل، جاڳو ڀيل ويلفيئر آرگنازيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر گلاب راءِ ڀيل، ڪامريڊ مٺو ڀيل ۽ ڀلجي ڀيل شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪندي چيو ته سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين ۽ مظلوم مسڪين ماڻهن جون عزتون محفوظ نه آهن، معصوم ٻارن سان ڏاڍائي ۽ زيادتيون وڌنديون پيون وڃن.

هنن چيو ته 9 سالن جي معصوم وشواس باگڙي کي دڪان ۾ بند ڪري ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ بااثر جوابدار کي بااثرن معرفت پوليس وٽ پيش ڪيو ويو پر پوليس ۾ ايتري همٿ نه هئي جو جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي. هنن چيو ته هر وقت سنڌ پوليس ۽ وڏيرن جو ظالمن مٿان شفقت ڀريو هٿ رکڻ مذمت جوڳو عمل آهي. جيڪي مظلوم سان همدردي ڪرڻ بدران ظالمن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن جي پٺ ڀرائي ڪن ٿا.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊ آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معصوم وشواس باگڙي سان زنا جي ڪوشش ڪندڙ  جوابدار  کي سخت سزا ڏئي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01