ڪوئيٽا ۾ فائرنگ سبب عورت سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

news

ڪوئيٽا: اڱارو 26 فيبروري 2019ع: ڪوئيٽا ۾ ڪورٽ ويجهو گاڏي  تي فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئيٽا ۾ ڪورٽ ويجهو گاڏي  تي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ڪار تي فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ عورت به شامل آهي، فائرنگ کانپوءِ ضلعي ڪچهري ۽ آس پاس جي علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو.

جوابدار گاڏي تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ٽريفڪ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ۽ هٿ ڪيل هٿيار پوليس جي حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ضلعي ڪورٽ ويجهو ڪار تي فائرنگ سبب مارجي ويل پيءُ ۽ ڌيءَ آهن.