اڏيرو لال اسٽيشن ۾ شهرين پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 26 فيبروري 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن شهر ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون ٿيڻ واري عمل خلاف هتان جي شهرين  انجمن تاجران جي سڏ تي سڌير ساهووال، اقبال ساهووال، ديوان پريم چند، عبدالرزاق ڇٽو، رائو سردار راجپوت، اڪبر ڇٽو، عبدالعزيز ڇٽو  ۽  ٻين  وڏي انگ ۾ پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ٻه ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي  اڳواڻن سخت نعريبازي ڪئي ۽  احتجاج ڪندي چيو ته حيسڪو مٽياري جي فيڊر ون  تي مقرر ڪيل عملدران رشوت جي بازار گرم ڪندي فيڊر ون جي بجلي ٻين پروجيڪٽن کي وڪرو ڪري ڏين ٿا ۽ شهر اڏيرو لال اسٽيشن سميت ٻهراڙي جي ڳوٺن جي بجلي لڳاتار بند ڪئي وڃي ٿي. مظاهرين چيوته اسان بار بار لاڳاپيل عملدارن جو هن طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۽ اُهي جواب ۾ چون ٿا ته هي مسئلو ايڪسيئين ۽ حيسڪو چيف جو آهي.

هُنن اهو پڻ ٻڌايوته 24 ڪلاڪن مان صرف هڪ ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڪاروباري ماڻهو بيروزگاري بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن اهو پڻ ٻڌايوته گهرن ۾ پاڻي ناهي، مسجدن ۾ نمازي وضو ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، اهڙي عمل خلاف ڪوبه شهري احتجاج ڪري ٿوته واپڊا عملدار انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، جنهن  ڪري ڪوبه شهري واپڊا عملدار خلاف ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، نتيجي ۾ واپڊا عملدار بجلي وڪرو ڪري يونٽ پورا ڪرڻ لاءِ غريب صارفين مٿان ڳرا بل مڙهين ٿا. مظاهرين پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير سميت وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ايڪشن کڻي اڏيرولال اسٽيشن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي.01