ڪلوئي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر پاران شادي شده ناري اغوا ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪلوئي: اڱارو 26 فيبروري 2019ع:ڪلوئي پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن جي دانهن، بااثر هٿيارن جي زور تي شادي شده ناري اغوا ڪري گهر مان ڦر ڪري ويا، ناري جو ٽن ٻارن جو اولاد آهي، کيس قتل به ڪري سگهن ٿا، ناري جي مڙس ۽ ڳوٺاڻن جي دانهن، حد جي ٿاڻي تي رپورٽ درج، جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، خبر موجب ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ڇمڀڻي واسين رسول بخش لنڊ، الهبچايو لنڊ، خان محمد لنڊ ۽ ٻين ڳوٺاڻن پريس ڪلب ڪلوئي پهچي دانهيو.

دانهيندي ناري 35 سالن جي زرينه لنڊ جي مڙس رسول بخش لنڊ ٻڌايو ته مونکي ٽن نياڻين جو اولاد آهي، گذريل رات دير سان علائقي جي بااثرن هٿيارن جي زور تي منهنجي گهر تي ڪاهه ڪري گهر ۾ پيل روڪ رقم هڪ لک ويھ هزار سونا زيور ۽ منهنجي گهر واري زرينه لنڊ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن. 

هن چيو ته منهنجي ٽن نياڻين ڳوٺ ۾ لڪي پناهه ورتي، جيڪي هاڻي ماءُ بنا سخت پريشان ٿي ڪيهاٽ ڪري رهيون آهن. بااثرن مونکي مارڪٽ ڪرڻ بعد خاموش رهڻ لاءِ پڻ چيو آهي ۽ مون علائقي جي چڱن مڙسن کي دانهون پڻ ڏنيون آهن، ان باوجود ڪنهن به تدارڪ نه ڪئي، جنهن بعد مون ڏيپلو ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ پڻ درج ڪرائي آهي پر پوليس اڃا تائين جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي.

ڳوٺاڻن ۽ ناري جي مڙس ڊي آءِ جي ميرپوخاص ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ٻين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڏيپلو پوليس جو چوڻ آهي ته اسان شروعاتي رپورٽ درج ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.01