چاليهه هزار روپين واري قومي انعامي بانڊز جي قرعه اندازي سڀاڻي ٿيندي

news

 لاهور: خميس 28 فيبروري 2019ع: سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز پاڪستان جي انتظام هيٺ 40 هزار روپين واري قومي انعامي بانڊز جي قرعه اندازي سڀاڻي پهرين مارچ جمعي تي ٿيندي. اها هلندڙ سال جي ستين ۽ مجموعي طور تي 77 هين قرعه اندازي آهي.

ان قرعه اندازي جو پهريون انعام 7 ڪروڙ 50 لک روپين جو هڪ، ٻيون انعام 2 ڪروڙ 50 لک روپين جا ٽي ۽ ٽيون انعام 5 لک روپين جا 1696 انعام آهن. اها قرعه اندازي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان لاهور ۾ ٿيندي، ان قرعه اندازي ۾ ڪل 1700 انعام ڏنا ويندا.