اڏيرو لال اسٽيشن ۾ پي ٽي آءِ منارٽي ونگ پاران ڀارتي جارحيت خلاف ريلي

news

اڏيرو لال اسٽيشن: خميس 28 فيبروري 2019ع:ڀارت جي دهشتگردي خلاف ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي طور پاڪستان تحريڪ انصاف منارٽي ونگ جي اڳواڻ سنتوش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مين بازار سميت مختلف چوراهن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

جڏهن ته ريلي ۾ سنتوش ڪمار، محمد جمن ساهووال، راج ڪمار، گُلبدين، عطاء الله ڇٽو، آصف عمراڻي ۽ وقار کوسو سميت پي ٽي آءِ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي اڏيرو لال اسٽيشن  شهر جي مختلف رستن، چوراهن کان کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي خطاب ڪندي اڳواڻن سنتوش ڪمار ۽ جمن ساهووال چيو ته پاڪستاني فوج جي باهمت جوانن بارڊر تي ڏينهن رات ڊيوٽي ڏئي ملڪ جي حفاظت ڪئي آهي.

ھنن چيو ته پاڪستان امن پسند ۽ هڪ ذميوار ملڪ آهي، پر انڊيا اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهي. هنن چيو ته اسان جي پاڪ فوج ۽ اسان جو عوام هڪ سٿ ۾ گڏ بيٺل آهن. هر موقعي جو دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏبو.

هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت سدائين ملڪ دشمني جي ڳالهه ڪئي آهي، ڀارت اسان جو شروع کان مخالف آهي.

اهڙي ملڪ مان ڪڏهن به دوستي يا ڀائيچاري جي اميد نه ٿي رکجي سگهجي. اسان جي بهادر فوج هر ملڪ دشمن قوت کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.01