طبي دنيا جو هڪ انوکو واقعو، جرمن شخص جو رت اڇو ٿي ويو

news

برلن: خميس 28 فيبروري 2019ع: اوهان رت اڇو ٿيڻ جو ذڪر چوڻين ۾ ٻڌو هوندو پر جرمني ۾ طب جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو جنهن ۾ هڪ شخص جو رت جسماني چرٻي ۽ سڻڀ جي ڪري اڇو ٿي ويو آهي، ماهرن ان ڪيفيت کي حياتي ڳڙڪائيندڙ قرار ڏنو آهي.

جڏهن ان شخص کي اسپتال آندو ويو ته اهو هڪ مرض هائپرٽرائي گليسرائيڊيميا جو شڪار هو جنهن ۾ رت جي اندر فيٽي ٽرافي گليسرائيڊ جا جزا وڌي ويندا آهن جنهن کي عام ٻولي ۾ چرٻي ۽ سڻڀ جو ايترو وڌي وڃڻ آهي ته اهو رت ۾ واضح طور تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

عام طور تي ان ڪيفيت جو علاج خاص مشينن ۾ ڊائليسس جيان ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ رت کي سڻڀ کان پاڪ ڪري ٻيهر جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي.

پر 39 ورهين جي شخص کي يونيورسٽي هاسپيٽل ڪولون ۾ آندو ويو ۽ رت مان سڻڀ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڻڀ مان گهاٽو رت ٻه ڀيرا ڦاٿو ۽ مشين بند ڪرڻي پئجي وئي. طبي ماهرن اهڙي طرح جو عجيب ڪيس پهريان ڪڏهن نه ڏٺو ويو هو ۽ ماهرن ٻين طريقن سان ان جو رت صاف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي.