ماحول دشمن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ٻيهر ڪوئلو بڻائڻ ۾ ڪاميابي

news

سڊني: خميس 28 فيبروري 2019ع: جيڪڏهن آب هوا ۾ تبديلي ۽ عالمي تپش جي ڳالهه ڪئي وڃي ته گرين هائوس گيسن ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي سڀ کان وڏو ڏوهي قرار ڏنو ويندو آهي، سٺي خبر اها آهي ته ماهرن ان گيس جي جن کي ٻيهر ڪوئلي ۾ تبديل ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي آهي.

پوري دنيا ۾ اهڙي ٽيڪنالاجين تي ڪم ٿي رهوي آهي جيڪو ڪنهن طرح هوا مان ڪابن ڊائي آڪسائيڊ کي ٻيهر جذب ڪري ان جي وڌندڙ مقدار کي گهٽ ڪري سگهي ۽ ان حوالي اسن آسٽريليا جي آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ٻيهر زمين تي آڻڻ ۾ ڪامياب حاصل ڪئي آهي.

آسٽريلوي ماهرن جي ان ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو وقت نه ٿو لڳي، نه ئي غير معمولي دٻاءُ گهربل هوندو آحي ۽ ڪنهن ڪيميائي عمل جي ضروت ناهي هوندي.

جڏهن ته ٽيڪنالاجي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ٺوس شئي ۾  تبديل ڪري سگهي ٿي، ان ۾ هڪ ڌات سيريئم جي نينو ذرن کي هلڪي بجلي ڏني وئي ته ان مان گيس مان آڪسيجن الڳ ٿي وئي ۽ صرف ڪاربن رهجي وئي، ان سبب اها ٽيڪنالاجي عام گرمي پد ۽ عام دٻاءُ تي به ڪارائتي آهي.

آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي جي ماهر ٽورين ڊائناڪي چوي ٿو ته اهڙي طرح ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي واپاري پيماني تي قيد ڪرڻ ممڪن هوندو. اول ته اها ٽيڪنالاجي وڏي واپاري پيماني تي استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ ٻيو حيرت جوڳو فائدو اهو آهي ته ڪابن بڻجڻ جي عمل ۾ ان ۾ چارج کي محفوظ رکي سگهجي ٿو، اهڙي طرح ڪاربن جا وڏا يعني سپر ڪيپيسٽر به ٺاهي سگهجن ٿا.