شيخ ڀرڪيو ۾ سنڌ آبادگار اتحاد پاران فاران شگر مل انتظاميا خلاف ڌرڻو

news

شيخ ڀرڪيو: ڇنڇر 02 مارچ 2019ع:شيخ ڀرڪيو جي فاران شگر مل جي گيٽ اڳيان سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻن نواب زبير ٽالپر، پير اشفاق سرهندي، ڪامريڊ عبدالڪريم ٽالپر، محمد شريف نظاماڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،
جنهن جي ڪري روڊ ٻنهي طرفن کان بند ٿي ويو.

آبادگار اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هي احتجاج  پرامن طريقي سان پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته مل انتظاميا آبادگارن کي سنڌ حڪومت پاران اعلان ڪيل 182 روپين جي نوٽيفڪيشن مطابق رقم ڏيڻ بدران 140 روپين جي حساب سان رقم ڏني آهي.

ان مطابق آبادگارن جي رهيل 42 روپين جي حساب سان ڪروڙين رپين جون رهتون شگر ملز وارن ڏانهن رُوڪيل آهن. اهي فوري طور تي ادا ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته شگر ملن جي انتظاميا پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي آبادگارن کي رهيل ڪروڙين رپيا نه ڏئي پريشان ڪري رهي آهي.

جيڪڏهن آبادگارن کي پنهنجون بقايائون جلدي نه ڏنيون ويو ته سڄي سنڌ جا زميندار سنڌ آبادگار اتحاد سان گڏجي تحريڪ هلائيندا.01