ڊينمارڪ جي شهري جي نڪ ۾ ڏند ڦٽي آيو

news

ڊينمارڪ: ڇنڇر 02 مارچ 2019ع: لڳاتار ٻه سال نڪ جي تڪليف ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ جي اذيت جي ور چڙهيل شخص کي ان وقت آرام ملي ويو جڏهن ڊاڪٽرن سندس ناسن ۾ ڦٽندڙ ڏند کي ڪڍي ٻاهي ڪيو.

ڊينمارڪ ۾ 59 ورهين جي شخص ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته ٻن سالن کان سندس نڪ وهي رهيو آهي ۽ نڪ جو هڪ حصو لڳاتار بند آهي جڏهن ته سنگهڻ جي طاقت به سخت متاثر ٿي آهي.

جيتوڻيڪ ننڍي عمر ۾ سندس منهن تي سخت ڌڪ لڳو هو پر ڊاڪٽرن ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جڏهن ته ان جا وڌيڪ ايڪسري ۽ ٽيسٽون ڪيون ويون.

علاج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر مائلوس فيوگلسينگ چيو ته ان مريض جي نڪ ۾ هڪ عرصي کان ڏند موجود هو پر ان جو احساس ان کي دير سان ٿيو آهي، ناسن مان ڏند نڪرڻ جو آپريشن يونيورسٽي آريبس جي اسپتال ۾ ڪيو ويو آهي. پهريان مريض جي سي ٽي اسڪين ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ اينڊواسڪوپي سان سندس سرجري ڪري ڏند ڪڍيو ويو.