پاڪستان جي پهرئين عورت مڪسڊ مارشل آرٽ فائٽر انيتا نثار عالمي مقابلو کٽي ورتو

news

سنگاپور: ڇنڇر 02 مارچ 2019ع: پاڪستان جي پهرئين عورت مڪسڊ مارشل آرٽ فائٽر انيتا نثار شاندار صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي عالمي مقابلو کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.

هنزا سان تعلق رکندڙ ايٿليٽ انيتا نثار سنگاپور ۾ منعقد عالمي فائٽ مقابلي ۾ حصو ورتو جنهن ۾ هن انڊونيشيا جي گيتا سوهارسونو کي شڪست ڏني.

فائٽ دوران هن گيتا سوهارسونو خلاف سائوٿ پواسٽرائڪ استعمال ڪئي ۽ تمام دليري سان مقابلو ڪيو، مقابلي ۾ ٽنهي ججن کيس فاتح قرار ڏنو ۽ انعام سان نوازيو.

انيتا نثار 2017 ۾ مڪس مارشل آرٽس جي تربيت وٺڻ شروع ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هن سڀ کان پهريان اسلام آباد ۾ منعقد دي فائٽ فوٽريس مقابلي ۾ حصو ورتو هو.