ڀارتي جيل ۾ شهيد ڪيل شاڪر الله سيالڪوٽ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

news

 سيالڪوٽ: آچر 03 مارچ 2019ع: پلواما حملي کانپوءِ ڀارتي جيل ۾ شهيد ڪيل پاڪستاني قيدي شاڪر الله جي مڙهه کي سيالڪوٽ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.

ڀارتي شهر جي پور جي جيل ۾ انتهاپسند قيدين هٿان شهيد ڪيل شاڪر الله جو مڙهه سندس اباڻي علائقي سيالڪوٽ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، شاڪر الله جي جنازي نماز ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.