طالبان پاران هلمند بيس تي حملو، ٽيويهه افغان فوجي مارجي ويا

news

ڪابل: سومر 04 مارچ 2019ع: افغانستان ۾ طالبان آمريڪي ۽ افغان فورسز جي گڏيل ملٽري بيس تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 23 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان افغان صوبي هلمند جي شهر شوراب ۾ آمريڪا ۽ افغان فورسز جي گڏيل ملٽري بيس تي حملو جديد هٿيارن ۽ خودڪش بمبارن جي مدد سان حملو ڪيو.

افغانستان جي دفاعي وزارت جي ترجمان طالبان جي حملن ۾ 23 اهلڪارن جي مارجڻ ۽ 15 جي زخمي ٿيڻ جو ٻڌايو، ترجمان جوابي ڪارروائي ۾ 20 دهشتگردن جي مارجڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي.

گورنر هلمند جي ترجمان به ڪارروائي ۾ 23 فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته طالبان حملي لاءِ 7 خودڪش بمبار مقرر ڪيا هئا جيڪي جهڙپن دوران مارجي ويا.