جيڪب آباد ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻه نوجوان زخمي

news

جيڪب آباد: اڱارو 05 مارچ 2019ع:جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد جيڪب آباد_رتو دير لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڳوٺ پانڌي خان گورشاڻي جا رهواسي 3 نوجوان ڪري زخمي ٿي پيا جن کي رستي ويندڙ سردار بشير ڪٽوهر کڻائي سول اسپتال جيڪب آباد پهچايو.

موٽرسائيڪل سوار ٽئي نوجوان لاڙڪاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سيد سجاد شاهه جي عيادت لاءِ وڃي رهيا هئا ته تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿي.

جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو خادم حسين پٽ قلندر بخش گورشاڻي فوت ۽ نثار احمد پٽ لوهر خان، مندوست پٽ سعيد خان سخت زخمي ٿي پيا. 

زخمين کي کڻي ايندڙ سردار بشير احمد ڪٽوهر جو چوڻ هو ته اسان به سيد سجاد شاهه جي عيات لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي نوجوانن کي زخمي حالت ۾ ڏٺو.

جن کي کڻائي واپس پهتاسين. پوليس موجب فوتي نوجوان ۽ زخمي پاڻ ۾ سئوٽ آهن، جن جي وارثن کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي، موٽرسائيڪل تيز رفتاري سبب سلپ ٿي، جڏهن ته روڊ ٺهندڙ هو ۽ پٿرن مٿان ڪرڻ سبب ئي هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿيا آهن.01