فلپائن ۾ زلزلي جا لوڏا

news

 منيلا: اربع 06 مارچ 2019ع: فلپائن جي سامونڊي علائقي ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. يورپي زلزلي مانيٽرنگ سروس (اي ايم ايس سي) مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.0 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جي شدت بعد ۾ 5.7 ٻڌائي وئي.

زلزلي جو مرڪز دوائو شهر کان 211 ڪلوميٽر اوڀر ۾ زمين جي سطح کان 60 ڪلوميٽر جي گهرائي ۾ هو جڏهن ته فوري طور زلزلي سبب ڪنهن به جاني توڙي مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.