جاتي ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

جاتي:جمعو 08 مارچ 2019ع: جاتي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جون چار مهينن کان پگھارون نه ٿيڻ خلاف ڪائونسل ميمبر ڪائونسلرن مرتضيٰ ترڪ ۽ آصف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ڪچن ملازمن نور محمد ملاح، عبدالله ملاح، خليل ميربحر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪچا ملازم ڏينھن رات جون تڪليفون وٺي سردين گرمين ۾ پنھنجي ٻچن جي جياپي لاءِ پاڻ کي تڪليف ڏئي ٻين کي سک ڏيڻ سميت شھرين کي صاف زندگي گذارڻ جو ماحول فراھم ڪريون ٿا، پر جاتي ٽائون جي ڪرپٽ انتظاميا اسان جون پگھارون بند ڪري جيئڻ جو حق کسيو آھي، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، ٽائون انتظاميا اسان کي ڪچي طور ملازم رکي شھر صفائي ڪرائي ھاڻي اسان کي پنھنجو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، اسان ڪيترن ئي سالن کان ٽائون ڪميٽي جاتي ۾ ڪچي ملازم طور ڪم ڪري رهيان آھيون پر 4 مهينن کان اسان جون پگهارون بند ڪيون ويو آھن.

هنن چيو ته چار مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ ڪري اسان جا ٻچا فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان جي گهرن ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ به ڪونهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جون چار مهينن جون فورن پگهارون ڪري اسان پڪو ڪيو وڃي.

ٽائون جي ڪائونسلر ميمبرن مرتضيٰ ترڪ ۽ آصف ڪنڀار الزام ھڻندي چيو ته جاتي ٽائون جي سموري بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھيل آھي، ٽائون آفيسر ۽ اڪائونڊنٽ گشير اوڏ ڪوڙن بلن ووچرن ذريعي ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن پر ننڍن ملازمن کي جائز حق ڏيڻ لاءِ ملازمن کي رولي رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ملازمن کي پگھارون ڏئي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.01