عورتن کي عزت، اهميت ۽ موقعا ڏيڻ کانسواءِ سماج ترقي ڪري نٿو سگهي: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار

news

 ڄامشورو: جمعو 08 مارچ 2019ع: 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز پاران ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فائونڊيشن (آر ڊي ايف) جي تعاون سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي، خاص مهمان ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم کاتو (ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ) حڪومت سنڌ عبدالعليم لاشاري هو، جڏهن ته اعزازي مهمان ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فائونڊيشن جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد ڪاظم شاهه لڪياري هو.

سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته عورتن کي عزت، اهميت، حيثيت ۽ موقعا ڏيڻ کان سواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تبديلي جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر جي عورتن کي اهي موقعا ۽ مقام ڏيڻ گهرجن جيڪو انهن جو حق آهي. اسين جيستائين عورتن کي عزت نه ڏينداسين، تيستائين معاشري اندر پنهنجي عزت به نه ڪرائي سگهنداسين. هن چيو ته اسين جڏهن عورتن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ جي ڳالهه ڪريون ٿا. هن چيو ته جن معاشرن به پنهنجي عورتن کي بهترين تعليم جا موقعا فراهم ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ جي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آهي انهن کي ڪاميابين جون منزلون ماڻڻ ۾ سولائي ٿي آهي ۽ ترقي سندن نصيب بڻي آهي. هن چيو ته منهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ٻهراڙي جي عورتن جي زندگي جي صورتحال جي موضوع تي آهي ۽ تحقيق دوران مون کي ڏاڍي دردناڪ صورتحال ڏسڻ جو تجربو حاصل ٿيو، ٻهراڙي جي عورتن جي اڪثريت کي اها خبر به ناهي ته سندن حق ڪهڙا آهن. هن چيو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ محنت ڪن ٿيون، اسان وٽ عورتون 24 ڪلاڪن مان 16 کان 18 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿيون پر کين پيٽ ڀري کائڻ جيترو کاڌو به نصيب نه ٿو ٿئي. هن چيو ته ماءُ جي هنج ٻارن جي پهرين درسگاهه هوندي آهي، اسين سڀ جيڪي ڪجهه به آهيون، پنهنجي مائرن جي تربيت ۽ دعائن جي ڪري ئي آهيون.

ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سڀني مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته صنفي اڻ برابري جي خاتمي کانسواءِ معاشري اندر توازن قائم نه ٿي سگهندو ۽ عورت کي سندس حق حاصل نه ٿي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته عورتون قابليت ۽ صلاحيت ۾ مردن کان ڪنهن کان به ريت گهٽ ناهن، اهي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پاڻ مڃرائي رهيون آهن ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، انهن کي عزت، اهميت ۽ موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري چيو ته 8 مارچ عورتن جي جدوجهد کي ياد ڪرڻ ۽ کين مڃتا ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته عورتن جي ترقي لاءِ کين معياري تعليم ۽ بهتر روزگار جا موقعا ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين ۽ صنعتن جو پاڻ ۾ الحاق ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان تحقيق توڙي روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته ڪو به سماج تيستائين ترقي نٿو ڪري سگهي، جيستائين عورت کي برابريءَ وارا حق ۽ حيثيت نٿي ملي. ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد ڪاظم شاهه لڪياري چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف سڀئي هڪ آواز بڻجي جدوجهد ڪنداسين، عورتن جي حقن ۽ ان جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين موضوع جي مناسبت سان خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن کي حاضرين طرفان بيحد ساراهيو ويو.

ٻئي طرف پاڪستان اسٽڊي سينٽر پاران پڻ عورتن جي عالمي ڏينهن تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي. سيمينار ۾ ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، انچارج اينٽي حراسمينٽ سيل پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا، ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم، همسري مئگزين جي ايڊيٽر زاهده ابڙو، انچارج وومين پروٽيڪشن سيل مارئي آصف اعواڻ ۽ ٻين موضوع جي مناسبت سان خطاب ڪيو.