ٽوباٽيڪ سنگهه ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ماءُ ٽن ڌيئرن سوڌو فوت

news

 ٽوباٽيڪ سنگهه: ڇنڇر 09 مارچ 2019ع: ٽوباٽيڪ سنگهه ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن.

پوليس مطابق زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيندڙن ۾ ماءُ 50 ورهين جي نسيم بيبي ۽ سندس 3 ڌيئرون رضيا، خديجا ۽ عائشا شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعو قتل آهي يا خودڪشي، ان حوالي سان پاڙيسرين کان به ڄاڻ ورتي پئي وڃي. ذريعن مطابق لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. گهر ڌڻي رياض جو چوڻ هو ته زال ۽ ڌيئون رات ٺيڪ هيون ۽ ماني کائي ستيون پر صبح جو مئل حالت ۾ مليون.

واقعي جو پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او فيصل آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته واقعي جي ترت جاچ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. عثمان بزدار مطابق گڏيل جاچ رپورٽ پيش ڪري واقعي جي ڪارڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.