پنجاب ۾ روڊ حادثا، عورت سوڌو چار ڄڻا فوت

news

 لاهور: ڇنڇر 09 مارچ 2019ع: پنجاب جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق حجره شاهه مقيم وٽ تيز رڪشا موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، ان کانسواءِ طبروق روڊ تي تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٻئي پاسي گونجرانوالا روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.