واردات کان اڳ ئي چورن جي نشاندهي ڪندڙ سافٽ ويئر تيار

news

 ٽوڪيو: ڇنڇر 09 مارچ 2019ع: جاپاني ڪمپني هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪندي اهڙي سافٽ ويئر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو مارڪيٽ يا سپر اسٽور ۾ داخل ٿيندڙ چهري، ان جي چرپر ۽ عادتن کي ڏسي اڳڪٿي ڪندو، جنهن سان چوري کان اڳ ئي واردات کي روڪي سگهجي ٿو.

2002ع ۾ مشهور فلم مائنورٽي رپورٽ ۾ اڳ ۾ اهو تصور پيش ڪيو ويو هو پر جاپاني ماهرن جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي مدد سان اهو صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. هن سافٽ ويئر جو نالو واڪ آءِ رکيو ويو آهي، جنهن کي جاپاني ڪمپني واڪ تيار ڪيو آهي. سافٽ ويئر شاپنگ مال ڪئميرا سان ماڻهن جي شڪي چرپر ۽ رويي کي نوٽ ڪندو رهندو ۽ ان جي نشاندهي به ڪندو رهندو، جيڪڏهن ان جي الگورٿم ڪنهن شخص جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي ته اهو مارڪيٽ انتظاميا جي سمارٽ فون تي پيغام اماڻي ڇڏيندو آهي.

سڀ کان اڳ ڊسمبر 2018ع ۾ هن سافٽ ويئر يوڪاهاما جي هڪ اسٽور ۾ هڪ اهڙي چور کي سوگهو ڪرايو جيڪو بار بار واردات ڪري اتان نڪري ويندو هو، اهو 80 ورهين جو هڪ شخص هو، جيڪو ڪيترائي ڀيرا مارڪيٽ اسٽورن مان چوريون ڪري چڪو هو. هن سافٽ ويئر ۽ الگورٿم کي معمولي نه سمجهيو وڃي، هن اڳڪٿي جي سکيا لاءِ هڪ لک ڪلاڪ جا فوٽيج ڏٺا ۽ ان مان سکيو آهي ته چور ڪهڙو ورتاءُ ڪندا آهن.