گمبٽ ويجهو ڄاڃين سان ڀريل سوزوڪي کي باهه، نينگر سڙي فوت، پنج ڄڻا زخمي

news

گمبٽ: ڇنڇر 09 مارچ 2019ع:رپڙي ويجهو لاڙڪاڻو_خيرپور باءِ پاس تي ڄڃ سان ڀريل سوزوڪي کي باھ، معصوم نينگر سڙي فوت، 5 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع، خبرموجب رپڙي ڀرسان لاڙڪاڻو_خيرپور روڊ تي ستابو وٽ لاڙڪاڻي کان خيرپور ويندڙ شيخ برادري جي ڄڃ سان ڀريل سوزوڪي کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ 7 سالن جو ذاڪر حسين شيخ سڙي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ڊرائيور ممتاز علي ڪوري سميت 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته سوزوڪي ڊرائيور پيٽرول کان سي اين جي تي لائين تبديل ڪري رهيو هو ته تار اسپارڪنگ ٿيڻ ڪري باھ لڳي وئي. جڏهن ته  فوتي نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.01