ڪلوئي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪلوئي: ڇنڇر 09 مارچ 2019ع:ڳوٺاڻن جو علائقي جي بااثرن جي زيادتين خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج، بااثرن نشي جي حالت ۾ گهرن تي مبينا ڪاهه ڪري عورتن کي گٿا لفظ ڳالهائي تشدد ڪندي ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، حد جي ٿاڻي تي رپورٽ درج هجڻ باوجود ڪلوئي پوليس اڃا تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين، ڳوٺاڻا.

خبر موجب ڪلوئي ويجهو ڳوٺ چانڊاڻو مورا واسي پورهيتن عورتن ۽ ٻارڙن سميت علائقي جي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو، شريمتي لڇمي، ٻٻري، گنگا، ڪستوري، ڏيوراج ڪولهي ۽ ٻين دانهيندي الزام هڻندي چيو ته علائقي جي بااثرن بناجواز هٿيارن جي زور تي نشي جي حالت ۾ سندن گهرن تي مبينا ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ عورتن جي تذليل ڪندي کين گٿا لفظ ڳالهائي ڪپڙا پڻ ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، سخت تشدد سبب شريمتي لڇمي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن جو ميڊيڪل ليٽر وٺي اسان علاج لاءِ کيس ڏيپلو اسپتال ۾ داخل ڪرايو.

جنهن جي رپورٽ پڻ ڪلوئي ٿاڻي تي درج ٿيل آهي، جنهن بعد بااثر اسان کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن پر رپورٽ درج هجڻ باوجود ڪلوئي پوليس اڃا تائين بااثرن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي طرف ڪلوئي پوليس سان رابطو نه ٿي سگهيو.01