پنجاب حڪومت پاران سرڪاري ملازمن کي صحت ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو

news

 لاهور: آچر 10 مارچ 2019ع: پنجاب حڪومت صوبي جي سرڪاري ملازمن کي به صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان اهڙي منظوري ڏيندي مڪمل پلان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزير جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن پاران به صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو، جنهن جي هاڻي وزيراعظم به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.