آمريڪا طالبان ڳالهيون جاري، ڪجهه معاملن تي معاهدا طئي ٿيڻ جي دعويٰ

news

 ڪابل: آچر 10 مارچ 2019ع: افغان ميڊيا آمريڪي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته دوحا ۾ هلندڙ آمريڪي طالبان ڳالهين ۾ ڪجهه معاملن تي معاهدو ٿي ويو آهي.

قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته معاهدي جو تفصيل اڃا ميڊيا کان ڳجهو رکيو پيو وڃي. افغان مفاهمتي عمل جي آمريڪي نمائندي ۽ آمريڪي وفد جي سربراهه زلمي خليل زاد جي ويجهن ذريعن جو آمريڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چوڻ هو ته ڌرين وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته معاهدن جو تفصيل اڃا ميڊيا کان ڳجهو رکيو پيو وڃي.